صفر نانگرو

صفر نانگرو: مشهور ملهه پهلوان صفر نانگرو، 1910ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هن جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي ملهه پهلوان هوندا هئا، جن کي ملهه وڙهندي ڏسي، کيس ملهه وڙهڻ جو شوق ٿيو، پوءِ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ پهلوان جمعي ڪمال شيديءَ کان تربيت وٺي ڌاڳو ٻڌائي ملهه وڙهڻ جي شروعات ڪئي. ڪجهه عرصو ٽئين جوڙ ۾ وڙهڻ کانپوءِ ڇهن سالن تائين ٻئي جوڙ ۾ وڙهيو. ان بعد پهرين جوڙ ۾ داخل ٿيو. پهرين جوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ جي ملاکڙن ۾ ويو، جتي اتر ۽ لاڙ جي مشهور پهلوانن سان مقابلا ڪري سرسي حاصل ڪيائين ۽ پوءِ باقاعدي لاڙ جي پهلوانن سان شامل ٿي اتر جي پهلوانن سان مقابلا ڪندو هو. هو ٺٽي ضلعي جو مشهور ملهه پهلوان هو. ملهه جي انگن جي ڄاڻ ۽ طاقت جي بهتر استعمال ڪري تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ ڪيترائي انعام حاصل ڪيائين. هن 1955ع کان ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو